لنڊن: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي لارڊز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ قومي ٽيم ۾ وڏين تبديلين جي فيصلي جو دفاع ڪندي واضح ڪيو آهي ته رانديگر ڪارڪردگي نه ڏيکارين ته متبادل آڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچندو آهي. هن چيو ته ٽيم جي چونڊ بابت هميشه تنقيد ٿيندي آهي، پر گذريل ميچن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اه درست نه هو، تنهن ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن.
پي سي بي چيئرمين چيو ته ميچز کانپوءِ رانديگرن کي واپس موڪլڻ ۽ ڪوچنگ اسٽاف ۾ تبديلين جو مقصد ڪنهن کي هميشه لاءِ ٻاهر ڪرڻ ناهي، پر نوان امڪان تلاش ڪرڻ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ختم ٿيڻ بابت بيان بازي بلڪل مناسب ناهي ۽ اڳوڻن رانديگرن کي پڻ قومي رانديگرن جو حوصلو گهٽ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
محسن نقوي ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ خراب ڪارڪردگي جا اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ جامع غور ويچار جاري آهي ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترا ئي عنصر موجود آهن، جيڪي رڳو ميداني ڪارڪردگي تائين محدود ناهن. هن انگ اکر پيش ڪندي چيو ته ٻين فارميٽس ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ آئرلينڊ يا ٻين ٽيمن جيان هڪ خراب دور سان پاڪستان ڪرڪيٽ جو زوال طئي نٿو ٿئي.
