ڪراچي/اسلام آباد: ازبڪستان جي نامور ايئرلائين سينٽرم ايئر پنهنجي فضائي آپريشن جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت تاشقند کان پهرين پرواز ڪراچي جي جناح بين الاقوامي هوائي اڏي تي پهچي وئي آهي. هوائي اڏي تي لاڳاپيل اختيارين ۽ ايئرلائين جي عملدارن طرفان پرواز جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته مسافرن ۾ پڻ تمام هڻو جوش ۽ خروش ڏسڻ ۾ آيو.
ذريعن موجب هي نئون فضائي رستو ٻنهي برادر ملڪن جي وچ ۾ تجارتي لاڳاپن، سياحت ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن طرفان هوائي سفر کي وڌيڪ آسان ۽ سستو بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري آهن، جنهن سان واپاري برادري کي تمام گهڻو فائدو پهچندو.
پرواز جي آمد جي موقعي تي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سفارتي عملدارن ۽ ايوي ايسشن شعبي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پروازن جو تعداد وڌايو ويندو، جيڪو خطي ۾ معاشي ترقي ۽ تعاون جي نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندو.
