ڊي ڪاڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ڊيوڊ وارنر جو اهم رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

بارباڊوس/اسپورٽس ڊيسڪ: ڏکڻ آفريڪا جي جارح مزاج بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل عبور ڪندي ويرات ڪوهلي ۽ ڊيوڊ وارنر جو اهم رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو آهي. هو ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ 10 سينچريون اسڪور ڪندڙ دنيا جو پنجون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. هن هي اهم ڪارنامو ڪيريبين پريميئر ليگ (CPL) ۾ بارباڊوس ٽرائيڊنٽس ج نمائندگي ڪندي انجام ڏنو.

تفصيل موجب، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرياٽس خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي صرف 57 بالن تي 106 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي. سندس ان شاندار اننگز ۾ 11 چوڪا ۽ 6 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته سندس اسٽرائيڪ ريٽ 185.96 رهيو. هن شاندار سينچريءَ سان گڏوگڏ هن ڀارت جي ويرات ڪوهلي ۽ آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر جي 10، 10 سينچرين جو رڪارڊ پڻ برابر ڪري ورتو آهي.

ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهڻ وارن رانديگرن جي فهرست ۾ ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو اوپنر ڪرس گيل 22 سينچرين سان پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جو اسٽار بيٽسمين بابر اعظم 13 سينچرين سان ٻئي نمبر تي براجمان آهي. ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ هاڻي مختصر ترين فارميٽ ۾ 13 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ جي پڻ ويجهو پهچي ويو آهي، جتي هن 457 ميچن ۾ 12 هزار 867 رنسون ٺاهي دنيا جي نائين نمبر تي پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي آهي.