يارولنڊ لڳ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، معزز شخص قتل، هڪ ڄڻو زخمي

يارولنڊ: يارولنڊ ڀرسان ڳوٺ سومر موري لڳ لنڊ برادري جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري ڳوٺ جي معزز شخص موج علي لنڊ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي هن واقعي ۾ رشيد احمد لنڊ سخت زخمي ٿي پيو آهي.

وارثن نثار احمد لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته موج علي لنڊ ۽ رشيد احمد لنڊ هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ پنهنجي گهر کان روانا ٿي رهيا هئا ته رستي ۾ اڳواٽ تاڙ ۾ ل هٿياربندن مٿن فائرنگ جو وسڪارو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ موج علي لنڊ موقعي تي ئي موتمار زخمين ڪارڻ دم ڌڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ وارثن پاران فوري طور تي زخمي رشيد احمد لنڊ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ ڊاڪٽرن موجب سندس حالت اڃا تائين نازڪ برقرار آهي.

واضح رهي ته لنڊ برادري اندر هلندڙ پراڻي خوني تڪرار سبب اڳ به ڪيترائي جاني نقصان ٿي چڪا آهن، جڏهن ته تازي واقعي کانپوءِ سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي ۽ پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.