اسلام آباد: جماعت اسلامي جي مرھزي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو آهي ته اهو مڪمل طور تي حڪومت تي منحصر آهي ته اها ملڪ جي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪيتري قدر سنجيدگي ڏيکاري ٿي. هن وقت ملڪ جا عوام سخت مهانگائي، بي روزگاري ۽ ٻين بنيادي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن جو خاتمو حڪومتي سطح تي فوري قدم کڻڻ کانسواءِ ناممڪن آهي.
هن زور ڏنو ته حڪومت کي پنهنجون ترجيحون تبديلي ڪرڻيون پونديون ۽ عوام جي رليف لاءِ عملي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ملڪي ترقي ۽ استحڪام سڌو سنئون عوام جي خوشحالي سان جڙيل آهي. سياسي عدم استحڪام ۽ اقتصادي بحران جو سڀ کان وڌيڪ اثر عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي.
لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت سچائي ۽ ايمانداري سان عوامي مفادن کي اوليت ڏيندي ته ملڪ کي هن بحران مان ڪڍڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. جماعت اسلامي هميشه عوام جي حقن جي جنگ لڙي آهي ۽ اڳتي به عوام جي آواز کي بااثر طريقي سان بلند ڪندي رهندي.
