اسلام آباد/ڪراچي: پاڪستاني کجور کي عالمي منڊين تائين رسائي ڏيڻ جي حوالي سان اهم اڳرفت سامهون آئي آهي، جنهن تحت ملڪ ۾ کجور جي پوک، مختلف جنسن ۽ برآمدي صلاحيت ۾ وڏو واڌارو ٿيو آهي. حڪومتي سطح تي کجور جي پيداوار کي بهتر ائڻ ۽ ان جو معيار عالمي معيار مطابق ڪرڻ لاءِ خاص اپلايون ڪيون پيون وڃن، جنهن سان بين الاقوامي سطح تي پاستاني جنسن جي گهرج ۾ واڌ ٿيندي.
ماهرن موجب پاڪستان ۾ کجور جون سوين جنسون تيار ٿينديون آهن، جن ۾ سکر جو کجور، احمد پور ايسٽ جون جنسون ۽ ٻيا اعليٰ معيار جا قسم شامل آهن. نيون ٽيڪنالاجيون ۽ جديد پيڪنگنگ جا طريقا اختيار ڪرڻ سبب هاڻي کجور کي محفوظ انداز ۾ يورپ، وچ اوڀر ۽ آمريڪا جي منڊين ڏانهن موڪليو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي ناڻي ۾ وڏو اضافو ٿي رهيو آهي.
سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا کجور جي پوک لاءِ سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. ڪاروباري برادري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هارين کي مناسب سهولتون ۽ جديد مشينري فراهم ڪئي وڃي ته پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو کجور برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان مقامي سطح تي روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا.
