سنڌ جو ورهاڱو نٿا چاهيون، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ گهرون ٿا: علي خورشيدي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ متحده قومي موومينٽ ايم ڪيو ايم (MQM) پاڪستان جي اڳواڻ علي خورشيدي واضح ڪيو آهي ته اسان سنڌ جو ورهاڱو هرگز نٿا چاهيون، پر صوبي جي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ انتظامي خودمختياري اسان جو بنيادي حق آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ جارحانه انداز ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جي حڪومت جي نااهلي ۽ خراب حڪمراني (Bad Governance) سب پوري صوبي جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي، جنهن جو باقائدي حساب عوام کي ڏيڻو پوندو.

علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته نون انتظامي يونٽن يا ٻين آئيني بحثن تي جذباتي نعريبازي ڪرڻ بجاءِ دليلن ۽ سنجيدگي سان اڳيان وڌڻ گهرجي. حڪمران پارٽي پاران بي بنياد قراردادون آڻي عوام جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽايو پيو وڃي. هن تنقيد ڪئي ته سنڌ ڪابينا کي طاقتور بنائڻ بدران سنڌ جي هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن کي مضبوط ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جڏهن ته هتي صرف پنهنجا سياسي مفاد بچايا پيا وڃن.

ايم ڪيو ايم (MQM) جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، هارين ۽ عام شهرين کي پنهنجن حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان هميشه سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ڪئي آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته حقيقي مسئلن کان ڪير اکيون پير پيو رهيو آهي ۽ عوامي وسيلن کي ڪيئن نقصان پهچايو پيو وڃي.