سکر جي دبر ٿاڻي جي حدن مان نامعلوم شخص جو لاش برآمد، لاوارث لاش روهڙي اسپتال منتقل

(رپورٽ: نزاڪت – اي ڊي اين نيوز): سکر جي علائقي دبر ٿاڻي جي حدن مان هڪ نامعلوم شخص جو لاش برآمد ٿيو آهي، جنهن جي اطلاع ملندي ئي پوليس کاتي جو عملو فوري طور تي واقعو واري هنڌ پهچي ويو. پوليس اهلڪارن مقامي شهرين جي مدد سان لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ضابطجي جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني، جنهن کان پوءِ لاش کي اسپتال منتقل ڪرڻ جا انتظام يا ويا.

دبر پوليس جي شاهدي ۽ ڪوششن سان لاش کي فلاحي اداري جي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم جي خاطر تعلقهه اسپتال روهڙي روانو ڪيو ويو. اسپتال ۾ ضروري طبي ۽ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي، پر وارث نه ملڻ سبب فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن بعد ضابطجي جي قاعدن تحت لاوارث لاش بعد ۾ ایدهي سينٽر سکر جي حوالي ڪيو ويو.

ايڌي سينٽر سکر ۾ لاوارث لاش کي شرعي اصولن موجب غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ اتي ئي نماز جناز تُ ادا ڪئي ويندي. آخري رسمن کان پوءِ پوليس جي نگرانيءَ ۾ مرحوم کي سکر جي مقامي نواں گوٺ قبرستان ۾ احترام سان سپرد خاک ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس پاران فوتي جي وارثن جي ڳولا پڻ جاري آهي.