ڇهن ڪئنالن ۽ صوبائي معاملن تي اسٽيبلشمينٽ کي پ پ کان شڪست ملندي: حفيظ الله نيازي

اسلام آباد: ناليجاري تجزيه نگار حفيظ الله نيازي پنهنجي هڪ تازي تجزيي ۾ چيو آهي ته سنڌ سان لاڳاپيل اهم معاملن، خاص طور تي صوبي جي ورهاڱي ۽ نون ڪئنالز جهڙن حساس مسئلن تي پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) ڪنهن به قسم جي سوديبازي يا ناپسنديده ڊيل جو حصو نه بڻجندي. هن واضح ڪيو ته سنڌ جي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو ۽ حڪومت توڙي لاڳاپيل ڌرين کي عوامي دٻاءَ اڳيان پوئتي هٽڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاران هن معاملي تي جن عناصر کي ميدان ۾ آندو ويو آهي، اهي سياسي ميدان جا حقيقي رانديگر ناهن ۽ 25 ڪروڙ عوام جي حمايت کان سواءِ اهڙن منصوبن جي ڪا به حيثيت ناهي. ماضي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته آصف علي زرداري هميشه پنهنجي سياسي شرطن تي سياست ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به اهي سستي اگهه تي دستياب نه ٿيندا، جڏهن ته ٻيا سياسي اڳواڻ آسانيءَ سان سمجهوتو ڪري ويندا آهن.

تجزيه نگار جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سياست پنهنجي اندر ۾ انتهائي دلچسپ موڙ رکي ٿي، جتي هر اڳواڻ جي حمايت يا مخالفت لاءِ مختلف دليل موجود آهن. سنڌ جي مفادن ۽ صوبائي خودمختياري جي حوالي سان پ پ جو ڪردار هميشه اهم رهيو آهي، ۽ موجوده صورتحال ۾ به ڪئنالن جي تڪڙي منصوبابندي خلاف سخت سياسي مزاحمت ڏسڻ ۾ ايندي.