اسلام آباد: وزيراعظم سان گڏيل قومن (UN) جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ نامزد اميدوار اولارا اوتونو ملاقات ڪئي آهي. هن اهم ملاقات دوران عالمي معاملن، گڏيل قومن جي سڌارن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اميدوار کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي امن لاءِ يل ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري ڪئي آهي ۽ عالمي امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن کي موجوده دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ متحرڪ ۽ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن دنيا ۾ امن ۽ ترقيءَ جا مقصد حاصل ڪري سگهجن.
ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار اولارا اوتونو عالمي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي کليل لفظن ۾ تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي دستا موڪليندڙ ملڪن مان هڪ آهي، جنهن جون قربانيون ۽ خدمتون سڄي دنيا لاءِ قابلِ تحسين آهن. هن پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته هو چونڊجڻ کانپوءِ عالمي برادريءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندو.
