اسلام آباد: وفاقي دارالحڪومت جي حدن ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ دردناک واقعو پيش آيو آهي، جتي جوابدارن هڪ خاتون کي جوس ۾ نشي آور شيءِ پياري بيهوش ڪرڻ کانپوءِ فارم هائوس تي اجتماعي زيادتي جو گھناونو ڏوهه ڪيو آهي. متاثرہ خاتون جي فرياد تي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
ابتدائي رپورٽن مطابق متاثرہ خاتون پنهنجي شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدارن کيس دوستي جي بهاني سان ورغلائڻ کانپوءِ هوشربا دوا ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ پنهنجي سڌ ٻڌ وڃائي ويٺي. ان ئي حالت جو فائدو وٺندي جوابدار کيس هڪ نامعلوم فارم هائوس تي کڻي ويا، جتي کيس جبر ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي اعليٰ پوليس عملدارن نوٽيس ورتو آهي ۽ متاثرہ خاتون کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽرن پاران ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان جوابدارن جو تعاقب جاري آهي ۽ قانون جي گرفت کان ڪو به جوابدار بچي نه سگهندو.
