قلاٺ: بلوچستان جي ضلعي قلاٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجرينس بنياد تي هڪ اهم آپريشن ڪندي ڀارتي حمايت يافتہ 12 دهشتگردن کي واصلِ جهنم ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن دوران دهشتگردن جا لڪگاهه پڻ تباهه ڪيا ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي فورسز پاران علائقي ۾ محاصرو ڪيو ويو، جتي دهشتگردن پاران فورسز مٿان فائرنگ ڪئي وئي. جوانن جي موثر جوابي ڪارروائي ۾ 12 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا جن جو تعلق پرڏيهي هٿياربند گروپن سان هو.
مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار، بارود ۽ مواصلاتي آلات هٿ ڪيا ويا آهن، اهي دهشتگرد علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ اهم تنصيبات کي نقصان پهچائڻ جي سازش ۾ ملوث هئا.
حڪومتي اختيارين ۽ سيڪيورٽي ليڊرشپ واضح ڪيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اهڙا آپريشن جاري رهندا ۽ پاڪستان جي سلامتي تي ڪسم جو پڻ سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
