جي ڪيو بيسٽ ڊريسڊ تقريب: بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي جو نوي جي ڏهاڪي وارو انداز وائرل

ممبئي: مشهور بالي ووڊ اداڪارا، ماڊل ۽ ڊانسر نورا فتحي “جي ڪيو بيسٽ ڊريسڊ” (GQ Best Dressed) تقريب ۾ پنهنجي نئين ۽ منفرد انداز سان سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي. هن تقريب لاء نورا فتحي نوي جي ڏهاڪي واري کلاسيڪل انداز کي چونڊيو، جنهن سوشل ميڊيا تي ايندي ئي کلندي طوفان مچائي ڇڏيو آهي. سندس هي روپ مداحن ۾ تمام گهڻو سند ڪيو پيو وڃي.

اداڪارا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي هن نئين لُڪ جون ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ کيس اڇي رنگ جي ڪالر واري شرٽ ۽ نيري ڊينم اسڪرٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن پنهنجي شرٽ کي چيلهه وٽان خوبصورت انداز سان ڳنڍ ڏئي پائڻ جو منفرد انداز اختيار ڪيو، جنهن سندس شخصيت کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏيو آهي.

نورا فتحي جي انهن نين تصويرن تي سوشل ميڊيا صارفين طرفان زبردست موٽ ملي رهي آهي ۽ ڪلاڪن اندر ئي هزارين لائيڪس ۽ ڪمينٽس اچي چڪا آهن. فيشن ماهرن پڻ سندس هن لُڪ کي انتهائي ساراهيو آهي ۽ ان کي نوي جي ڏهاڪي جي فيشن جو بهترين عڪس قرار ڏنو آهي.