ڪراچي/ڪوئٽه: معروف بلوچ لوڪ گلوڪارہ مائي سڀائي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سندس قتل جون خبرون مڪمل طور تي بي بنياد ۽ جعلي ثابت ٿيون آهن. تصديق ٿيل ذريعن ۽ آرٽسٽ جي ويجهن عزيزن واضح ڪيو آهي ته مائي سڀائي بلڪل خيريت سان آهي ۽ اهڙيون افواھون پکيڙڻ جو مقصد صرف عوام ۾ خوف ۽ پريشاني پيدا ڪرڻ آهي.
گذريل ڪجهه ينهن کان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي اها خبر وائرل ٿي رهي هئي ته نامور لوڪ گلوڪارہ کي ڪنهن نامعلوم هنڌ تي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سندس مداحن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي هئي. ذريعن موجب گلوڪارہ جي ڪٽنب ان خبر جي سخت لفظن ۾ ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙيون بي بنياد خبرون هڻڻ وارن عناصر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
مائي سڀائي پنهنجي منفرد آواز ۽ لوڪ شاعري ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ وڏي سڃاڻپ رکي ٿي. حڪومتي ادارن ۽ ميڊيا تولفين کي سختدايت ڪئي آهي ته ڪ به خبر جي تصديق کانسواءِ ان کي شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن عوام ۾ غلط فهميون نه ٿين.
