ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نامياري آل رائونڊر شاهد خان آفريڊي کي سنڌ پوليس اسپورٽس بورڊ جو اعزازي راندين وارو سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ هڪ خاص تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين اعليٰ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي.
تقريب دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران نامياري ڪرڪير شاهد آفريڊي کي سنڌ پوليس اسپورٽس بورڊ جي سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني وئي. هن موقعي تي ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته شاهد آفريڊي جي سفير مقرر ٿيڻ سان سنڌ پوليس جي نوجوانن ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي ملندي ۽ پوليس جو هاڪاري اميج سامهون ايندو.
نامياري ڪرڪيٽر شاهد آفريڊي سنڌ پوليس جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته هو سنڌ پوليس جي نوجوانن ۾ راندين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته رانديون نوجوانن کي صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن ۽ سنڌ پوليس سان گڏجي هو صوبي جي نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو.
