سنڌ جي عوام واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهي عمران خان سان گڏ آهن: سهيل آفريدي

ڪراچي/اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخوا جي اعليٰ عهديدار سهيل آفريدي چيو آهي ته سنڌ جي عوام اها حقيقت واضح ڪري ڇڏي آهي ته اهي ڪنهن ٻئي جي بجاءِ صرف عمران خان جي نظريي ۽ جدوجهد سان گڏ بيٺل آهن. هن زور ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ عوام جو جوش ۽ جذبو ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ تبديلي اچي چڪي آهي ۽ عام ماڻهو پنهنجي حقيقي حقن جي حاصلات لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي.

سهيل آفريدي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر قانون جي بالادستي ۽ آئين جي پاسداري کانسواءِ ڪو به ترقيءَ جو خواب ساڀيان نه ٿو ٿي سگهي. هن دعويٰ ڪئي ته موجوده حڪومتي مهندارن عوام جي مينڊيٽ کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر عوام هر موڙ تي هنن جي نااهل پاليسين کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي تبديليءَ جو قافلو ڪنهن به صورت ۾ روڪجي نه ٿو سگهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اها به اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سياسي ميدان ۾ تحريڪ وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان سڀني سازشن کي شڪست ڏيندو. هن پارڪي ڪارڪنن ۽ همدردن کي اپيل ڪئي ته اهي اتحاد ۽ نظم ضبط جو مظاهرو ڪن ته جيئن ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪاميابيءَ سان ٻاهر ڪڍي سگهجي.