ڪراچي/اسلام آباد: صحت انسان لاءِ هڪ عظيم نعمت آهي، جنهن جو خاص خيال رکڻ هر ماڻهو جي بنيادي ضرورت آهي. اڄوڪي دور ۾ مختلف سببن جي ڪري ذهني دٻاءُ، انزائٽي ۽ پريشانيون عام مسئلو بڻجي چڪيون آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته پريشانين جو خاتمو ان جي بنيادي سببن کي سمجهڻ ۽ قدرتي طريقن کي اپنائڻ سان ئي ممڪن آهي، جنهن سان ذهني سُڪون حاصل ڪري سگهجي ٿو.
دماغ ڪنهن به مسئلي يا خطري کي محسوس ڪندي پنهنجا نيورانز ذريعي برقي ۽ ڪيميائي سگنل موڪلڻ شروع ڪندو آهي. ان عمل دوران دماغ ۾ موجود مختلف ڪيميائي ماده جهڙوڪ نورايڊرينالين، ڊوپامين، سيروٽونن ۽ گابا جي سرگرمين ۾ تبديلي ايندي آهي. انهن دماغي سرڪٽس کي معمول تي آڻڻ سان ذهني دٻاءُ، چڙ ۽ پريشاني مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي لاءِ قدرتي جڙي ٻوٽين جو استعمال انتهائي ڪارآمد ثابت ٿيندو آهي.
ان سلسلي ۾ بابونو يا چيمومائل جو گل صحت جي انيڪ فائدن سان مالا مال هڪ عظيم قدرتي تحفو آهي. ان ۾ موجود ايپي جينن نالي خاص اينٽي آڪسيڊنٽ دماغ کي سڪون ڏيندو آهي ۽ رات جو بهتر ننڊ آڻڻ ۾ وڏ مدد فراهم ڪندو آهي. ذهني سُڪون کانسواءِ هي پيٽ جي سور، گئس، بدهضمي ۽ آنڊن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو.
چيمومائل جو استعمال جسم جي سوڄ کي گهٽائڻ سان گڏ چمڙي کي نرم، صاف ۽ تازو رکڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو آهي. چانهه جي شڪل ۾ ان جو استعمال مجموعي صحت ۽ خوبصورتي لاءِ بهترين قدرتي حل آهي، البت ڳورهاري عورتن کي ڪنهن به قسم جي الرجي جي صورت ۾ طبي ماهرن جي مشوري کانپوءِ ئي ان جو استعمال ڪرڻ گهرجي.