لاڙڪاڻو/شهدادڪوٽ: خيبر پختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي سنڌ جي دوري تي پهتل آهي ، جتي مختلف شهرن ۾ هزارين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو . لاڙڪاڻي ۾ مارچ دوران ”سنڌ کپائيندي پادر کائيندين جا نعرا سهيل آفريدي جو لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قمبر، شڪارپور، ٺل، مريد شاخ ۽ راڻي پور سميت مختلف شهرن ۾ عوام پاران ڀرپور استقبال مختلف شهرن ۾ جلسن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته ملڪ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ 27 سيپٽمبر تي عوام روڊن تي نڪرندو .هن چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ عمران خان جو پيغام کڻي آيو آهيان ۽ عوام جو جوش ۽ جذبو ان ڳاله جو واضح ثبوت آهي ته ماڻهو سياسي تبديلي چاهين ٿا.
شڪارپور/ٺل۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي اپيل ڪئي ته 27 سيپٽمبر تي ڪنهن به خوف کان سواءِ پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري اچن ۽ هن تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسٽريٽ موومينٽ هاڻي باضابطه طور تي سنڌ ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ کيس اميد آهي ته مقرر تاريخ تي ڪراچي کان وٺي گلگت بلتستان تائين عوام روڊن تي هوندو. هن موجوده حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي دورو 27 سيپٽمبر جي سياسي مهم لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن دوران ڪارڪنن سان ملاقاتون ۽ عوامي اجتماعن جو سلسلو جاري رهندو.
راڻي پور ۾ خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته 27 سيپٽمبر کي ملڪ جي سياسي مستقبل لاءِ هڪ اهم ترين ڏينهن سمجهي رهيا آهيون پي ٽي آءِ جي سڀني ڪارڪنن ۽ حامين کي هن تحريڪ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو . سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي ڳالهائين هن دعويٰ ڪئي ته هتان جو عوام سخت ناانصافين ۽ ترقياتي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي سياسي جدوجهد کي عوام جي بنيادي حقن سان ڳنڍيندي هن چيو ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ عوام جي حقن خاطر سختيون برداشت ڪري رهيو آهي، ان ڪري اسان جو فرض بڻجي ٿو ته سندس ساٿ ڏيون. ٺل ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪي ماڻهو سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندا پيا اچن، هاڻي سنڌ جي غيرتمند عوام انهن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام کي پنهنجن حقن لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.
