لنڊن: ملڪ جي اهم ۽ تاريخي فيصلن جي حوالي سان برطانيه جي راڄڌاني لنڊن ۾ سياسي ۽ حڪومتي ڌرين جي وچ ۾ رابطن جو سلسلو تيز . ذريعن موجب پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وچ ۾ جلد اهم ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي تياريون آخري مرحلي ۾ آهن. هن امڪاني ملاقات دوران ملڪي سياست کي نئون رخ ڏيندڙ معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
اسلام آباد: ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي وچ ۾ ٿيندڙ امڪاني ملاقات ۾ خاص طور تي آئيني ترميمن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ۽ موجوده ملڪي سياسي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي .حڪومتي اتحاد کي گڏ کڻي هلڻ بابت پڻ اهم صلاح مشورا ڪيا ويندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزير ،اعظم نذير تارڙ جي وچ ۾ پڻ هڪ اهم ملاقات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ آئيني ترميمن بابت صلاح مشورو ڪيو ويو هو.
ڪراچي: سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته لنڊن ۾ جاري انهن اهم ملاقاتن ۽ رابطن کان پوءِ وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ڪجهه اهم معاملن تي مڪمل اتفاقِ راءِ پيدا ٿيڻ جون خبرون پڻ سامهون اچي رهيون آهن. ذريعن موجب پيپلز پارٽي پاران اندروني مشاورت ۽ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ ئي پارٽي جو هڪ اهم اجلاس سڏائڻ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويندو.
