لندن جي ميٽرو اسٽيشن تي ٻن ڪوئن جي دلچسپ ويڙھ، وڊيو وائرل

لندن:
برطانيا جي راڄڌاني لندن جي ھڪ ميٽرو اسٽيشن تي ھڪ عجيب ۽ دلچسپ منظر ڏسڻ ۾ آيو، جنھن اتي موجود مسافرن نھ صرف کي حيرت ۾ وڌو پر تفريح جو موقعو پڻ فراھم ڪيو. ريلوي اسٽيشنن يا بس اسٽينڊن تي عام طور تي ماڻھن کي پاڻ ۾ جھيڙيندي يا تڪرار ڪندي ڏٺو ويندو آھي، پر ھتي انساني تڪرارن بدران ٻن ڪوئن جي وچ ۾ سرعام جھيڙو ڌيان جو مرڪز،بڻيو شروع جنھن جي وڊيو ھن وقت سوشل ميڊيا تي باھ وانگر وائرل ٿي رھي آھي.