سخت تنقيد باوجود فيفا صدر گياني انفينٽينو ٻيھر اليڪشن ۾ بيٺل

زوريخ:
فٽبال جي عالمي گورننگ باڊي (فيفا) باضابطھ طور تي تصديق ڪئي آھي تھ موجودھ صدر گياني انفينٽينو ايندڙ مارچ ۾ ٿيندڙ صدارتي انتخابات ۾ ٻيھر حصو وٺندا. فيفا پاران جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ عالمي فٽبال جي واڌاري ۽ بھتري لاءِ ڪڻندڙ قدمن جو سلسلو جاري رڪيو ويندو ۽ موجودھ صدر پنھنجو مدو اڳتي وڌائڻ لاءِ پورو پورو عزم رڪي ٿو. ھي اعلان ھڪ اھڙي وقت ۾ سامھون جڏھن جڏھن ڪيس ڪجھ معاملن تي سخت تنقيد کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.

گذريل ڏينھن ۾ ورلڊ ڪپ جي مقابلي ۾ نجي سرمائيداري آڻڻ جي منصوبي تي فيفا قيادت کي مختلف حلقن پاران شديد ردعمل ۽ تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ھو. تنھن ھوندي بھ، انھن سڀني تڪرارن ۽ مخالفتن جي باوجود، گياني انفينٽينو پنھنجي عزم تي قائم آھن ۽ ھو ايندڙ اليڪشن ۾ پنھنجي نامزدگي باقاعدھ طور تي برقرار رڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي فيفا جي اعليٰ اختيارين موجب، تنظيم جو مقصد ھميشھ راند جي بھتري ۽ ان سان لاڳاپيل مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ رھيو آھي.

فٽبال جي دنيا ۾ ھن وقت نئين صدارتي چونڊن حوالي سان سرگرميون تيز ٿي چڪيون آھن، ۽ مختلف ملڪن جا فٽبال ايسوسيئيشنز پنھنجا مطالبا ۽ رايا سامھون آڻي رھيا آھن. تجزي نگارن جو چوڻ آھي تھ جيتوڻيڪ انفينٽينو کي ڪجھ يورپي ۽ ٻين ملڪن طرفان سخت سوالن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، پر اڃا تائين سندس پوزيشن ڪافي مضبوط نظر اچي ٿي. ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ اھي چونڊون عالمي فٽبال جي ايندڙ چئن سالن جي پاليسين ۽ ڍانچي لاءِ اھم ثابت ٿينديون.