گهريلو حالتن کان تنگ ماءُ 8 مهينن جي ٻار سميت واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، عورت بچي وئي

گهريلو حالتن کان مبينا طور تي تنگ ٿي هڪ ماءُ پنهنجي 8 مهينن جي معصوم ٻار کي هنج ۾ کڻي ڪيو بي لنڪ ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻار تيز پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ٻڏي ويو.

ريسڪيو 1122 موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ بروقت ڪارروائي ڪندي عورت کي زنده بچائي ورتو.

ريسڪيو اختيارين موجب 8 مهينن جو معصوم ٻار پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۾ ٻڏي ويو. واقعي کانپوءِ ريسڪيو غوطا خورن ٻار جي ڳولا لاءِ واهه ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ موجود آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي.