نيويارڪ: ايران جي جوهري معاملي تي فرانس، جرمني، برطانيا ۽ آمريڪا، عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) کان ايران بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي رپورٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب آءِ اي اي اي جي سربراهه رافائيل گروسي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز کي ٻڌايو آهي ته ايران تازي رپورٽنگ واري عرصي دوران پنهنجي اعلانيل جوهري مواد ۽ تنصيبات جي صورتحال بابت ڪا به گهربل معلومات فراهم نه ڪئي، جڏهن ته معائنو ڪندڙن کي پڻ جوهري تنصيبات ۾ وڃي صورتحال جي تصديق ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.رافائيل گروسي جو چوڻ هو ته جون 2025ع ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جو نشانو بڻيل جوهري تنصيبات ۾ موجود 60 سيڪڙو تائين افزودہ يورينيم جي ذخيرن بابت آءِ اي اي اي جو معلوماتي تسلسل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان متاثر آهي.گروسي معلومات ۽ رسائي جي کوٽ کي جوهري پکيڙ جي حوالي سان ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو ته صورتحال کي فوري طور تي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران کي آءِ اي اي اي سان مؤثر تعاون ٻيهر بحال ڪرڻ گهرجي.
رائٽرز موجب آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ برطانيا آءِ اي اي اي جي 35 رڪني بورڊ کان هڪ قرارداد منظور ڪرائڻ لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن تحت ايران جو جوهري معاملو لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کانپوءِ ٻيهر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڏانهن موڪلي سگهجي ٿو.
ٻئي طرف ايران هن مطالبي کي رد ڪندي پنهنجي جوهري پروگرام کي پرامن قرار ڏنو آهي.
