سائنسدانن ڏيڏر جي هڪ ناياب نسل دريافت ڪئي آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 100 سالن تائين سائنسي دنيا جي نظرن کان اوجھل رهي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن نسل جا نمونا لڳ ڀڳ هڪ صدي کان ميوزيم ۾ موجود هئا، پر انهن کي ٻين عام نسلن جو حصو سمجهيو ويندوايع ڪئي وئي آهي. حياتيات ۽ ٽيڪسانومي جي ماهرن تي ٻڌل ٽيم پراڻن ميوزيم نمونن جو ٻيهر جائزو ورتو ۽ جديد جينيٽڪ سيڪوئنسنگ سان گڏ جسماني بناوت جو تفصيلي تجز هو.
هن نئين نسل جي باضابطه تفصيل عالمي سائنسي رسالي زوڪيِز (ZooKeys) ۾ شايع ڪئي وئي آهي. حياتيات ۽ ٽيڪسانومي جي ماهرن تي ٻڌل ٽيم پراڻن ميوزيم نمونن جو ٻيهر جائزو ورتو ۽ جديد جينيٽڪ سيڪوئنسنگ سان گڏ جسماني بناوت جو تفصيلي تجزيو ڪيو، جنهن مان معلوم ٿيو ته هي ڏيڏر اڳ ۾ سڃاتل نسلن کان مختلف آهي.
نئين سڃاڻپ ٿيل نسل کي ملپي روبر فراگ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ڏيڏر گهڻو ڪري رات جي وقت سرگرم رهندو آهي، جڏهن ته ان جا نر جهنگلن ۾ زمين کان ڪيترائي ميٽر مٿي ٻوٽن ۽ بروميليڊ جي پنن تي ويهي آواز ڪڍندا آهن. ماهرن موجب ان جو آواز تمام تيز ۽ منفرد هوندو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين ڪلڪ جهڙو محسوس ٿئي ٿو.
هن ڏيڏر جي نر ۽ مادي ۾ رنگت جي حوالي سان به نمايان فرق ڏٺو ويو آهي. مادي ڏيڏر جي ڄنگهن ۽ جسم جي هيٺئين حصي تي ڪارا داغ، نارنگي يا هلڪي نيري رنگ جا نشان موجود ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته نر جي رنگت نسبتاً هڪجهڙي هوندي آهي.
هي ناياب ڏيڏر ايڪواڊور ۽ ڪولمبيا جي جهنگلن ۾ ملي ٿو. بعد ۾ ڪيل ميداني سروي دوران سائنسدانن هن ڏيڏر جي زنده آبادي جي پڻ تصديق ڪئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دريافت مان اندازو ٿئي ٿو ته دنيا جي انهن علائقن ۾ به حياتياتي تنوع جون ڪيتريون ئي ناياب جنسون موجود ٿي سگهن ٿيون، جتي ڊگهي عرصي کان سائنسي تحقيق جاري آهي. ماهرن موجب ڪنهن به جاندار جي صحيح سڃاڻپ ان جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ۾ انتهائي اهم آهي.
