ايجبسٽن ٽيسٽ: پاڪستان وائٽ واش کان بچڻ لاءِ اڄ انگلينڊ خلاف ميدان ۾ لهندو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم وائٽ واش کان بچڻ جي مشن سان انگلينڊ خلاف ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ اڄ ايجبسٽن ۾ کيڏندي. ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ کي 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي.

برمنگهم جي ايجبسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شروع ٿيندڙ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان جي 12 امڪاني رانديگرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن. بابر اعظم جي قيادت ۾ قومي ٽيم ۾ ٽي اهڙا رانديگر شامل آهن، جيڪي پنهنجو پهريون ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ تيار آهن.

ڪراچي سان تعلق رکندڙ 23 ورهين جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر غازي غوري جي قومي ٽيم ۾ شموليت يقيني قرار ڏني پئي وڃي.

خاني وال سان تعلق رکندڙ 19 ورهين جو آل رائونڊر محمد عمران رندهاوا به ٽيسٽ ڊيبيو جو مضبوط اميدوار آهي. هن هيل تائين 58 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندي ٻن سينچرين جي مدد سان 2,255 رنسون ٺاهيون آهن، جڏهن ته ميڊيم فاسٽ بالنگ ڪندي 110 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون آهن.

ذريعن موجب جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم چار فاسٽ بالر سان ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪيو ته مردان سان تعلق رکندڙ 21 ورهين جو فاسٽ بالر رضا الله به پنهنجو پهريون ٽيسٽ ميچ کيڏي سگهي ٿو. ساڄي هٿ جي هن فاسٽ بالر 2025ع ۾ پشاور طرفان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هيل تائين 8 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 30 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.

ٽيم مئنيجمينٽ جي حڪمت عملي تحت جيڪڏهن هڪ اسپنر کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ملتان سان تعلق رکندڙ 21 ورهين جي کاٻي هٿ جي اسپنر عرفات مناهس کي ترجيح ڏني ويندي. عرفات مناهس اڳ ئي پاڪستان طرفان 3 ون ڊي ۽ 4 ٽي-20 ميچون کيڏي چڪو آهي.

ايجبسٽن ٽيسٽ لاءِ پاڪستان جي 12 امڪاني رانديگرن ۾ صائم ايوب، اذان اويس، عبدالله شفيق، بابر اعظم (ڪپتان)، شان مسعود، سعود شڪيل، غازي غوري (وڪيٽ ڪيپر)، محمد عباس، محمد علي، محمد عمران رندهاوا، عرفات مناهس ۽ رضا الله شامل آهن.