مھنگائي جي ستاتل عوام مٿان نئون بار، ھر گھر کان صفائي فيس ورتي ويندي

مھنگائي جي باھھ ۾ سڙندڙ عوام مٿان ھڪ دفعو ٻيھر اقتصادي بار وجھڻ جي تياري ڪئي وئي آھي، جتي خيبر پختونخوا حڪومت صوبي جي شھرن ۾ صفائي جي نظام کي بھتر بڻائڻ جي بھاني سان ھر گھر کان ماھوار صفائي فيس وصول ڪرڻ جو سخت ۽ αھم فيصلو ڪري ورتو آھي. اختيارين پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب ھن نئين ضابطي ۽ يس جو باضابطا آغاز آڪٽوبر 2026 کان ڪيو ويندو، جنھن سان روزمرھ جي کاڌ خوراڪ ۽ بجلي جي بلن کان تنگ عوام جي تڪليفن ۾ اڃا بھ وڌيڪ واڌارو ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي.صوبائي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آھي تھ شھري علائقن ۾ گندگي جي صفائي ۽ ڪچري جي مناسب نيڪال لاءِ فنانشل ماڊل کي پائيدار بڻائڻ ضروري ھو، جنھن جي ڪري ھاڻي عام واھپيندڙن کان سڌي سنئين ماھوار پئسا وصول ڪيا ويندا. حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آھي تھ ھن قدم جو مقصد شھرن کي صاف سٿرو رکڻ ۽ صفائي واري عملي کي باقاعدھ فنڊ فراھم ڪرڻ آھي، پر عوامي حلقن ۽ سول سوسائٽي طرفان ھن فيصلي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.ٻئي طرف عوامي ۽ سماجي تنظيمن سخت ردعمل ظاھر ڪندي چيو آھي تھ اڳ ۾ ئي پيٽروليم شين، گيس ۽ بجلي جي اگھن آسمان سان چال پئي ڪئي، ۽ ھاڻي روزمرھھ جي بنيادي سھولتن جھڙوڪ صفائي مٿان بھ ٽيڪس ۽ فس لاڳو ڪرڻ غريب عوام سان سراسر ناانصافي آھي. شھرين حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آھي تھ مھنگائي جي موجودھ دور ۾ عوام مٿان اضافي مالياتي بار وجھڻ وارا اھڙا سڀئي عوام دشمن فيصلا فوري طور تي واپس ورتا وڃن تھ جيئن عام ماڻھو ساھھ کڻي سگھي.