اسلام آباد:
اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آھي تھ اسان شھباز حڪومت کي تسليم نٿا ڪريون، جيڪڏھن خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو تھ ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي ۽ ان کي ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيو ويندو. ھن چيو تھ ملڪي سياسي بحران جو حل صرف ڳالھين ۽ آئين جي بالادستي ۾ آھي.
محمود خان اچڪزئي چيو تھ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري بابت وزيراعظم يا اسپيڪر آفيس ۾ ڪابھ ملاقات نھ ٿيندي، ان اھم مقرريءَ تي نواز شريف جي مري واري گھر وڃي ڳالھائڻ لاءِ تيار آھيون، جڏھن تھ سموريون تقرريون آئيني طريقيڪار مطابق ٿيڻ گھرجن.
ھن حڪومت سان ڳالھين لاءِ اھم شرط رکندي چيو تھ جيڪڏھن حڪومت مسئلي جو حل چاھي ٿي تھ سڀ کان پھرين اسان جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ مذاڪرات ممڪن ناھن. باني پي ٽي آءِ سان ملاقات کانسواءِ وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات بي معنيٰ ھوندي ۽ ملاقات نھ ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم سان ملڻ کان انڪار تي بھ ويچاري سگھجي ٿو.
اپوزيشن اڳواڻ وڌيڪ چيو تھ حڪومت پي ٽي آءِ بانيءَ جي ڀينرن کي آزاد ڪري مثبت اڳڀرائي جي شروعات ڪري سگھي ٿي. عمران خان جيڪا ڳالھھ ڪندو، اسان اھا ئي ڳالھھ اڳتي پھچائينداسين ۽ ان ملاقات کانپوءِ سمورن مسئلن جي حل تائين ڳالھيون جاري رھنديون.