آءِ سي سي ٽي-20 رينڪنگ: ابرار احمد پھرين پوزيشن تان محروم، راشد خان ٻيھر نمبر ون بڻجي ويو

دبئي:
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاران ٽي-20 بالرن جي جاري ڪيل تازي رينڪنگ ۾ پاڪستاني اسپنر ابرار احمد پھرين پوزيشن تان ھٿ ڌوئي ويٺو آھي، جنھن کانپوءِ افغانستان جو اسٽار اسپنر راشد خان ھڪ ڀيرو ٻيھر دنيا جو نمبر ون ٽي-20 بالر بڻجي ويو آھي.
آءِ سي سي جي نئين درجھ بندي موجب، ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل پھرين ٽي-20 ميچ کانپوءِ بالرن جي رينڪنگ ۾ نمايان ڦيرڦار ڏسڻ ۾ آئي، جتي پوائنٽس ۾ فرق سبب راشد خان پھرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي ۽ ابرار احمد ٻئي نمبر تي ھليو ويو.
مستري اسپنر ابرار احمد گذريل ڪجھھ عرصي کان بھترين فارم ۾ رھيو آھي ۽ سندس رينڪنگ ۾ گھٽتائي پاڪستاني ڪرڪيٽ شائقين ۾ بحث جو موضوع بڻيل آھي. ڪرڪيٽ ماھرن موجب، رينڪنگ ۾ اھا معمولي تبديلي عارضي آھي ۽ ابرار جي بالنگ صلاحيتن کي ڏسندي پوري اميد آھي تھ ھو ايندڙ سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪري جلد پنھنجي اعليٰ ترين پوزيشن ٻيھر حاصل ڪري وٺندو.