لاس اينجلس (نيوز ڊيسڪ)عالمي سطح تي مشھور وڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم ’نيٽ فلڪس‘ وڌندڙ مالي دٻاءُ ۽ مارڪيٽ ۾ سخت مقابلي کي منھن ڏيڻ لاءِ لڳ ڀڳ ھڪ ھزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سال 2022ع جي ڪٽوتين کانپوءِ اھا ڪمپني جي تاريخ ۾ روزگار جي حوالي سان سڀ کان وڏي ڇانٽي قرار ڏني پئي وڃي.
بين الاقوامي خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب، انتظاميا موقف اختيار ڪيو آھي تھ ھي ڏکيو فيصلو مالي بھتري، خرچن ۾ توازن ۽ مستقبل ۾ اداري جي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ لازمي ھو. ڪمپني کي ھن وقت ھڪ طرف مواد (ڪنٽينٽ) جي تياري تي ايندڙ خرچن ۾ اضافي کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي تھ ٻئي پاسي ڊزني پلس ۽ ايمازان پرائيم جھڙن وڏن حريفن پاران اربين ڊالرن جي نئين سيڙپڪاري سبب مقابلو سخت ٿي چڪو آھي.
مارڪيٽ ماھرن موجب، ڊجيٽل اسٽريمنگ شعبي ۾ سبسڪرائبرز وڌائڻ جي ڊوڙ ۽ پيداواري لاڳت ۾ غير معمولي واڌ نيٽ فلڪس کي پنھنجي ڪاروباري ماڊل ۽ ادارتي ڍانچي تي نئين سر غور ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي.
نيٽ فلڪس انتظاميا جو چوڻ آھي تھ برطرف ٿيندڙ سمورن ملازمن کي قانون ۽ ادارتي پاليسيءَ موجب مڪمل مالي معاوضو (سيورنس پيڪيج) ۽ نئين روزگار جي ڳولا لاءِ ضروري پيشيورانھ سھڪار فراھم ڪيو ويندو، تھ جيئن اھي جلد کان جلد ٻين ھنڌن تي روزگار حاصل ڪري سگھن.
