يوڪرين لاءِ يورپي يونين پاران 3.2 ارب ڊالرن جي فنڊ جو اعلان

اسلام آباد:يوڪرين لاءِ يورپي يونين پاران 3.2 ارب ڊالرن جي فنڊ جو اعلان ڪيو ويو آھي. يورپي ڪميشن پاران اربع ڏينھن 2.86 ارب يورو جي رقم جاري ڪئي وئي، جيڪا خاص طور تي ڊرونز، ھوائي دفاعي نظامن، ۽ ٻين عسڪري ضرورتن لاءِ استعمال ٿيندي.
يورپي يونين جي ھن مالي مدد سان يوڪرين کي جاري جنگ ۾ وڌيڪ سگھھ ملندي، جتي ان کي مختلف قسم جي عسڪري سازوسامان جي ضرورت آھي. ان فنڊنگ ۾ خاص طور تي ھوائي دفاعي نظام، ميزائل، ۽ ڊرونز شامل آھن، جيڪي موجودھ حالتن ۾ انتھائي اھميت رکن ٿا.
يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊير ليئن چيو آھي تھ ھي مدد يوڪرين جي خودمختياري ۽ سلامتي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ يورپي يونين ھميشھ يوڪرين جي حمايت ۾ موجود آھي ۽ ان جي دفاعي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي.
ان کان علاوھ، ھن فنڊنگ سان گڏ يورپي يونين مختلف قسم جي انساني امداد پڻ مھيا ڪندي، جيڪا جنگ کان متاثر ٿيل ماڻھن جي مدد لاءِ استعمال ٿيندي. ان سان گڏ، يوڪرين جي عوام جي بھتري لاءِ مختلف منصوبن تي پڻ ڪم ڪيو ويندو.