اسلام آباد:
قطر ذريعي آمريڪا تائين پھچايل 7 ڏينھن واري تجويز ڪيل منصوبي بابت ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي تھ ھاڻي ان تي فيصلي جو اختيار آمريڪا وٽ آھي. اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ ھن منصوبي جو بنيادي مقصد مسلم امھ جي ٻڌي ۽ اتحاد کي ھٿي وٺرائڻ آھي.
عباس عراقچي وڌيڪ چيو تھ مسلم ملڪن وچ ۾ ھم آھنگي، سھڪار ۽ يڪجھتي قائم رکڻ لاءِ او آءِ سي ھڪ اھم فورم آھي. ھن چيو تھ سندن پيش ڪيل منصوبو عالمي سطح تي پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو، خاص طور تي اھڙي وقت جڏھن دنيا مختلف چئلينجن مان گذري رھي آھي.
ايراني پرڏيھي وزير واضح ڪيو تھ ھي منصوبو صرف ھڪ خيالي تجويز ناھي، پر ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بھ موجود آھي. ھن آمريڪا تي زور ڀريو تھ عالمي امن جي مفاد ۾ ان رٿا تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري ان جي پٺڀرائي ڪري.
ھن او آءِ سي جي سمورن ميمبر ملڪن ۽ عالمي برادري کي پڻ ان رٿا ۾ سھڪار جي دعوت ڏيندي چيو تھ اھڙن قدمن سان ئي ھڪ پرامن، مضبوط ۽ مستحڪم مستقبل ڏانھن وڌي سگھجي ٿو.
