ممبئي: بالي ووڊ جي مشھور جوڙي ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگھھ پنھنجي ٻي ڌيءَ جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. جوڙي پنھنجي مداحن سان خوشخبري شيئر ڪندي نياڻيءَ جو نالو ظاھر ڪيو، جنھن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن پاران خوشيءَ جو اظھار ڪيو پيو وڃي.ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگھھ جي شادي سال 2018ع ۾ ٿي ھئي. سندن پھرين ڌيءَ جو نالو دعا آھي، جنھن جي پيدائش کانپوءِ مداحن پاران جوڙي کي مبارڪون ڏنيون ويون ھيون.جوڙي جي خانداني زندگي ھميشھ مداحن جي توجھھ جو مرڪز رھي آھي. ٻارن جي حوالي سان سندن اعلانن کي سوشل ميڊيا تي وڏي دلچسپيءَ سان ڏٺو ويندو آھي.
