-حيدرآباد موٽروي ۾ دير،

ڪراچي: پاڪستان جي سامونڊي بندرگاھن کي ملڪ جي اھم شھرن ۽ واپاري مرڪزن سان ڳنڍڻ لاءِ سکر-حيدرآباد موٽروي منصوبو انتھائي اھم سمجھيو وڃي ٿو، پر ھن منصوبي ۾ دير سبب سنڌ ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن. ٻين صوبن ۾ موٽروي نيٽ ورڪ جي واڌاري جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ھن اھم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ بابت غيريقيني صورتحال برقرار آھي.

ڪراچي ۽ پورٽ قاسم بندرگاھن تان سامان کڻي ايندڙ ھزارين مال بردار گاڏيون سنڌ جي نيشنل ھاءِ وي تان سفر ڪن ٿيون، جتي ٽريفڪ جي رش ۽ روڊن جي صورتحال سبب مسافرن ۽ واپارين کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. موٽروي جي تعمير سان سفر جو وقت گھٽجڻ، ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ گھٽتائي ۽ واپار کي ھٿي ملڻ جي اميد ڪئي وڃي ٿي.

سکر-حيدرآباد موٽروي جي ايم-6 منصوبي ۾ دير جا سبب، فنڊن جي فراھمي، زمين جي خريداري ۽ انتظامي معاملن بابت بھ سوال اٿاريا ويا آھن. منصوبي جي زمين جي خريداري ۾ مبينا مالي بي ضابطگين جون رپورٽون پڻ سامھون اينديون رھيون آھن، جنھن سبب شفاف جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندھي جي گھرج ڪئي پئي وڃي.