اسلام آباد:پيٽروليم شين جي دستيابي ۽ امڪاني کوٽ بابت اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر شيري رحمان اھم سوال اٿاري ڇڏيا آھن، جنھن ۾ ھن پڇاڻو ڪيو آھي تھ ڇا پاڪستان ۾ ايندڙ ڊسمبر تائين پيٽرول جي باقاعدھ فراھمي برقرار رھڻ جا امڪان آھن؟ ھن حڪومت تي زور ڀريو آھي تھ پيٽروليم شين جي موجودھ ذخيرن ۽ امڪاني بحران بابت پارليامينٽ ۽ عوام کي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي.
سينيٽ جي ماحولياتي تبديلي بابت قائمھ ڪميٽي جي چيئرپرسن شيري رحمان جو چوڻ ھو تھ مشرقِ وسطيٰ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي ۽ نئين جيو پوليٽيڪل صورتحال جي پسمنظر ۾، پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي رسد ھڪ اھم چئلينج بڻجي چڪي آھي. ھن چيو تھ حڪومت کي مستقبل جي حڪمت عملي بابت واضع معلومات مھيا ڪرڻ گھرجي، جيئن ڪنھن بھ غير يقيني يا اڻوڻندڙ بحران کان بروقت بچي سگھجي.
ھن وڌيڪ چيو تھ موجودھ عالمي ۽ علائقائي بحران سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ انھن جي فراھمي متاثر ٿيڻ جا خدشا پڻ موجود آھن. تنھن ڪري حڪومت کي پنھنجي پوزيشن واضع رکڻ گھرجي تھ جيئن عوام ۾ بيچيني، افواھن ۽ پٽرول پمپن تي ھٿرادو قطارن کي روڪي سگھجي.
سينيٽر رحمان اھا گھر بھ ڪئي تھ حڪومت پيٽروليم شين جي ملڪي درآمد (Imports)، زرمبادلھ جا ذخيرا، ۽ مقامي پيداوار بابت شفاف تفصيل سامھون آڻي. ھن چيو تھ ملڪ اڳ ئي معاشي دٻاءُ ھيٺ آھي، ان ڪري توانائي جي حفاظت (Energy Security) تي سنجيدگي سان اڳواٽ قدم کڻڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناھي.
ھن مطالبو ڪيو تھ لاڳاپيل وزارت ۽ حڪومت کي بغير ڪنھن دير جي ھڪ تفصيلي بريفنگ جاري ڪرڻ گھرجي، جنھن سان قوم کي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اصل اسٽاڪ ۽ دستيابي بابت پوري ۽ درست ڄاڻ ملي سگھي.