اسلام آباد:
ايران جي سينيئر فوجي عھديدار جنرل محسن رضائي چيو آھي تھ ترڪيھ، پاڪستان ۽ سعودي وفدن جي دورن ثابت ڪري ڇڏيو آھي تھ علائقي ۾ آمريڪي دھمڪين جي ھاڻي ڪا بھ اھميت يا اثر ناھي رھيو. ھن واضح ڪيو تھ ايراني قوم جي مزاحمت ۽ ھٿياربند فوج جي طاقت سبب خطي ۾ ھڪ نئين ۽ مثبت فضا قائم ٿي آھي.
جنرل محسن رضائي ان ڳالھھ تي زور ڏنو تھ انھن سفارتي دورن وسيلي ايراني قوم جي پختي عزم ۽ طاقت جو اعتراف سامھون آيو آھي. ھن چيو تھ ايراني قوم پنھنجن خودمختيار حقن جي دفاع لاءِ ھر وقت تيار آھي ۽ ڪنھن بھ قسم جو غير ملڪي دٻاءُ ھرگز قبول نھ ڪيو ويندو.
چار ڌرين واري (چار فريقي) اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي، جنرل رضائي چيو تھ ايراني فوج جي صلاحيت ۽ قوم جي اتحاد خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي ھٿي وٺرائي آھي، جنھن ڪري خطي جي معاملن تي آمريڪي پاليسيون مڪمل طور تي بي اثر ٿي ويون آھن.
پنھنجي ڳالھھ کي سميٽيندي، جنرل رضائي واضح ڪيو تھ ايراني قوم پنھنجي آزادي، خودمختاري ۽ وقار تي ڪو بھ سمجھوتو نھ ڪندي. ھن موجب تازن سفارتي رابطن ۽ دورن مان ثابت ٿئي ٿو تھ علائقي ۾ ھاڻي ھڪ طاقتور ۽ خودمختيار اتحاد جنم وٺي چڪو آھي.