اسلام آباد (نيوز ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جي منظوريءَ لاءِ پارليامينٽ اندر وسيع تر مشاورت ضروري آهي ۽ زبردستي اڪثريت سان فيصلا لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
بلاول ڀٽو چيو ته آئين ۾ تبديلي هڪ تمام اهم ۽ نازڪ معاملو آهي، جنهن تي سمورين سياسي ڌرين جو اعتماد حاصل ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿي جڏهن آئيني ترميمن تي جمهوري انداز ۾ بحث مباحثو ڪيو وڃي.
هن خبردار ڪيو ته بنا مشاورت جي فيصلا جمهوري عمل ۽ قانوني نظام کي ڪمزور ڪندا، ان ڪري سڀني ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي.
ذريعو: پارلياماني پريس رپورٽرز ايسوسيئيشن ۽ اي ڊي اين نيوز سينٽر





