سکر(بيورورپورٽ)سکر جي واپاري شاھ زمان پاران ڊيزل سپلائي جي رقم جا بوگس چيڪ ڏيڻ ۽ باثر شخص جي ڌمڪين خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي شاھ زمان صحافين کي ٻڌايو آھي

سکر(بيورورپورٽ)سکر جي واپاري شاھ زمان پاران ڊيزل سپلائي جي رقم جا بوگس چيڪ ڏيڻ ۽ باثر شخص جي ڌمڪين خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي شاھ زمان صحافين کي ٻڌايو آھي يو فون ڪمپني سان لاڳاپيل شخص شاهد نويد يوفون جي ٽاورن کي هڪ مهيني جي اوڌر تي ڊيزل فراهم ڪرڻ لاء چيو هو 35 لکن جي ڊيزل ڏيڻ بعد کائنس پئمنٽ گهري ته هڪ مهيني جي مهلت ورتي ۽ ان دوران منهنجي امڙ کان به پنج لک اڌارا ورتا هيا جنهن بعد شاهد نويد چالھ لکن جا ٻه چيڪ ڏنا چيڪ ڪيش ڪرائڻ لاء بينڪ تي ويس ته بينڪ وارن سندس اڪائونٽ ۾ رقم نه هجڻ ڪري چيڪ واپس ڏئي ڇڏيا شاهد کي چيڪ ڪيش نه ٿيڻ لاء ٻڌايو ته هو لنوائندو رهيو جنهن کانپوء رقم جي حاصل ڪرڻ لاء ڊي آء جي سکر کي درخواست ڏني جنهن اي ايس پي سٽي کي مامرو حل ڪرڻ لاء چيو هو جنهن ٻنهي ڌرين کي گهرائي هر مهيني ڏھ لک روپيا ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو شاهد نويد قبول ڪندي رقم چئن قسطن ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر ان تان به فري ويو آھي ۽ هاڻي رقم گهرڻ تان موتمار ڌمڪيون پيو ڏئي۔شاھزمان وڌيڪ ٻڌايو ته شاهد نويد ۽ عارف نويد اسان جا ڪيترن ئي سالن کان ڪرائيدار هجڻ ڪري انهن جي مدد ڪندي پيٽرول پمپ تان اوڌر تي ڊيزل ڏياري هئ۔شاھ زمان اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته جوابدار خلاف ڪاروائي ڪرائي رهيل رقم ڏياري انصاف ڏنو وڃي۔