اڄ پاڪستان، جيڪو دنيا جو پنجون وڏو ڳتيل آبادي وارو ملڪ آھي، پنهنجي بقا جي جنگ وڙھي رهيو آھي، هن گرمين ۾ ايندڙ سانوڻ جي بي ترتيب برساتن ملڪ جي اتر کان ڏکڻ تائين شديد نقصان رسايو آھي. سنڌ جيڪو ملڪ جو سڀ کان ڏکڻ وارو صوبو آھي، اتي ڪجھ هفتن دوران 464 سيڪڙو برسات وسي آھي، جيڪا 30 ورهين ۾ هر سال وسندڙ برسات جي مقابلي ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آھي، جڏهن ته ساڳئي ئي وقت گليشيئرز پگهرجڻ وارو ريشو اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو آھي، انهن ٻنهي موسمياتي اثرن جي نتيجي مها ٻوڏ کي جنم ڏنو آھي، جنهن ملڪ ۾ تمام گهڻي تباهي آندي آھي، سنڌ جا 90 سيڪڙو فصل تباھ ٿي ويا آھن. فيصل ايڌي، جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏي خيراتي اداري ايڌي فائونڊيشن جو سربراھ آھي، ان خبردار ڪيو آھي ته جيڪي ماڻهو ٻوڏ ۾ مرڻ کان بچي ويا آھن، انهن لاءِ فاقاڪشي وارو خطرو موجود آھي، هڪ وڏو قحط اچڻ وارو آھي، سوال رڳو اهو آھي ته ڪيترو جلدي؟ معاشي نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو آھي، 5 ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آھن، جيڪڏهن ٻوڏ جو پاڻي ائين بيٺو رهيو ته مليريا جو وبا جي صورت اختيار ڪرڻ وارو خطرو الڳ سان آھي. سيٽلائيٽ جون اچرج ۾ وجهڻ واريون تصويرون ڏيکارين ٿيون ته درياءَ ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري ڪهڙي طرح زمين 100 ڪلو ميٽر جي ڍنڍ کي وجود ۾ آندو آھي ۽ ان ڳالھ ۾ ذري برابر به شڪ ناھي ته هڪ پورو نسل جيڪو اڳيئي صحت ۽ تعليم جي ناڪافي بنيادي سهولتن جو شڪار آھي، وڌيڪ رخني پوڻ سان پوئتي ويندو. هيل تائين 400 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن، جڏهن ته سياري جي مند اچڻ سان بغير اجهن جي ويٺل لکين ٻارڙا موت جو بک بڻجندا.
اهو فقط ڊيڄاريندڙ خواب جي ڪجھ حصي جو الميو آھي ۽ جيڪڏهن توهان پاڪستان کان ٻاهر رهو ٿا ته پوءِ يقينن توهان ان بابت گهڻو ڪجھ نه ٻڌو هوندو، جيڪو پاڪستان جي موجوده مقدر بابت ٻاهرين دنيا جي عدم دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿو. اهو صاف نظر اچي پيو ته سموري دنيا ان ڳالھ کي سنجيدگي سان نه پئي وٺي ته مستقبل ۾ ڪيڏو وڏو انساني الميو اسان جو انتظار ڪري رهيو آھي. دنيا جي ڪنهن به قوم کي پاڪستان لاءِ خاص همدردي جي ضرورت ناهي، پر اڄ جيڪو ملڪ خوفناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آھي، اهو واضح اشارو ۽ نتيجو آھي بي رحم عالمي موسمياتي خرابي جو، انسانذات اسان جي هڪڙي ۽ اڪيلي رهڻ لائق سياري کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، اڄ جيڪا پاڪستان جي صورتحال آهي، اها ان ڳالھ جو واضح ثبوت آھي. اسان جي قدرتي باقيات (فوسلز) کي ساڙي گهڻي کان گهڻو تيل پيدا ڪرڻ واري لالچ اسان کي ورثي ۾ مليل قدرتي دنيا لاءِ ڪيتري ناگوار آھي، اسان ان ڳالھ کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي، ان جي مجرماڻي استعمال چاهي ڪهڙو به ملڪ هجي ۽ وٽس ڪيتري به دولت ڇو نه هجي، هو ڀلي پنهنجي پاڻ کي عالمي گرمي پد وڌائڻ واري نتيجي کان آجو سمجهي، اڄ جيڪو پاڪستان سان ٿئي پيو، سڀاڻ اهو ڪيليفورنيا، فرانس، آسٽريليا ۽ پوءِ دنيا سان سان ٿيندو. جتي اهو ڏسي دلي خوشي ٿئي ٿي ته ڏورانهن ملڪن جا عام ماڻهو ڪهڙي طرح پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو اظھار ڪندي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رليف لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ پنهنجو حصو ڳنڍي رهيا آھن، اتي دنيا جي عالمي شخصيتن ۽ اولھ جي ميڊيا جي وڏي حصي جي خاموشي افسوسناڪ ۽ مايوس ڪن آھي، جيڪو بلڪل به حيرت جوڳو ناهي، جنهن هفتي ۾ ملڪ اندر مها ٻوڏ آئي، ان هفتي دوران گهڻو تڻو اخبارن جا ڪالم ان لاٿل وزيراعظم تي قربان ڪيا ويا، جنهن کي ملڪ جا ٽي حصا ٻڏڻ واري حقيقت بجاءِ پنهنجي پارٽي مفادن ۾ دلچسپي ھئي.
سوال اهو ناهي ته آيل مصيبت يورپ لاءِ ڪيتري باعث زحمت بڻجندي؟ هي اهي ساڳيا ئي ملڪ آھن، جن شامي پناهگيرن کي رٻڙ جي ننڍڙين ٻيڙين ۾ سمنڊ ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ يوڪريني شھرين لاءِ پنهنجن ايئر پورٽس تي خاص بوٿ ٺاهي نه صرف سندن استقبال ڪيو، بلڪه سندن لاءِ بهترين مفت رهائش جو بندوبست پڻ ڪيو ۽ ائين به ناهي ته ڪو پاڪستان گهمڻ لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ ملڪ آھي ۽ يا ان خطري کي منهن نٿو ڏئي سگهي. ٻئي طرف ويجهڙ ۾ ئي فرانس جي دانشور برنارڊ هينري ليوي جنگي صورتحال کي منهن ڏيندڙ يوڪرين جي شھر اڊيسا ۾ مزي سان گهمندي ڦرندي نظر آيو آھي ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي ته آمريڪي اداڪار بين اسٽلر ۽ گڏيل قومن جي پناهگيرن متعلق خاص سفير ۽ اداڪاره انجلينا جولي جو خطري باوجود يوڪرين جو دورو ڪرڻ تي عوامي سطح تي ٿورو مڃيو آھي. (انجلينا جولي ايمانداري سان ٻڌائي ته هن 2005ع ۾ آيل زلزلي کانپوءِ وري ٻيهر ڪڏهن پاڪستان جو دورو ڪيو آھي؟؟) اهو پهريون ڀيرو ناهي ته موسمي بحران سبب ڪا آفت آئي هجي، 2010ع ۾ پڻ پاڪستان ٻوڏ جي مصيبت کي ڀوڳيو، ان وقت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بين ڪي مون چيو ته پاڪستان جنهن سطح جي ٻوڏ کي برداشت ڪيو آھي، ان قسم جي تباهي هن پنهنجي پوري زندگي ۾ ناهي ڏٺي ۽ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته هي عالمي مصيبت آھي. بين ڪي مون چيو ته پاڪستان هڪ سست رفتار سونامي کي منهن ڏئي رهيو آھي، جنهن جي تباهي جي طاقت وقت سان گڏ وڌڻ ۽ جمع ٿيڻ شروع ٿيندي. گذريل ڀيري 4 لک ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو سنڌو درياءَ مان پنهنجو رستو ٺاهي پڇڙي ۾ پهتو، جڏهن ته هن سال ان جو ڪاٿو 7 لک ڪيوسڪ آهي. آئون 2010ع جي ٻوڏ کي ياد ڪري جذباتي ٿي وڃان ٿي ۽ شديد مايوسي ۾ ان تي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي ته اها مصيبت اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هئي. انهيءَ ساڳئي سال اولھ جي ملڪ هيٽي خوفناڪ زلزلي کي برداشت ڪيو، پر هيٽي جي مقابلي ۾ عالمي ميڊيا جي پاڪستان تي تمام گهٽ توجهه رهي، نه هاليووڊ ستارن طرفان ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ برانڊيڊ ٽي شرٽس پائي وڏا وڏا ڪنسرٽ ڪيا ويا، نه ئي اهم عالمي شخصيتن طرفان پاڪستاني عوام جي ايڏي وڏي مصيبت مان پار پئجڻ واري حوصلي تي تعريفي ٽوئيٽس ڪيا ويا، ان وقت به ڪنهن خيال نه ڪيو ۽ هن ڀيري به سندن رويو ساڳيو آھي.
گڏيل قومن جي هاڻوڪي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آھي ته پاڪستان ۾ ايندڙ مها ٻوڏ جي تباهي تي عالمي دنيا جو رويو ننڊ ۾ گهمڻ وارو آھي، جيڪڏهن اهي موسمياتي تبديلي کي سنجيدگي سان وٺن ها ته سندن پاڪستان ڏانهن رويو انڌن وارو نه هجي ها، جنهن جو گرمي پد پهريان ئي خطرناڪ حد 2.2 فارن هائيٽ تائين پهتل هو. سنڌ جي شھر جيڪب آباد جو گرمي پد هن سال گرمين ۾ 50 ڊگري تائين پهتو، Vice. COM وارن رپورٽ ڪيو آھي ته جيڪب آباد ڌرتي جي ان ٻن شھرن مان آھي، جتي پوندڙ شديد گرمي ۽ حبس انساني جسم جي برداشت جي قوت کان ٻاهر ٿي ويو آھي. پر ڪٿي آھن اهي موقعي پرست انساني گروھ، جيڪي جنگي صورتحال ڏانهن جهڪاءَ ۽ فڪرمندي جي نالي ۾ پرتڪلف ۽ عياشي سان ڀرپور محفلن ۾ ويهي محض انٽرويوز ۽ ٽوئيٽر تي سرگرم رهڻ کي ڪافي سمجهن ٿا. اسان کي توهان جي نام نهاد يڪجهتي نه کپي، دنيا جو ڏکڻ وارو حصو (لاطيني آمريڪا، ايشيا، آفريڪا ۽ سامونڊي جزيرن وارا ملڪ) هن صدي ۾ پنهنجو وجود سلامت نه رکي سگهندا، جيستائين موسمي تبديلين جي نتيجن، فائدن ۽ ذميوارين ۾ اولھ جا ملڪ هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندا. فرق صرف ايترو آھي ته توهان اولھ وارا پيپر اسٽرا تي بحث پيا ڪيو ۽ اسان دنيا جي ڏاکڻين حصي وارا نقصانن جي تلافي تي، اسان جا ملڪ ۽ اسان جون حياتيون دنيا جو وڏي حصو ڇوٽڪاري لائق سمجهي ٿو، جنهن بابت اسان کي اڳيئي خبر آھي، پر هاڻ اسان ڪاوڙ ۾ ٻڙڪون پيا ۽ اسان ائين ڇو نه محسوس ڪيون. جڏهن اسان ڏسون ٿا ته اولھ جا ملڪ 2021ع ۾ فرانس جي قديمي يادگار ناترا ڊئم ڪيٿيڊرل چرچ کي باھ لڳڻ تي هڪ اڌ ڏينهن ۾ 880 ملين رپيا گڏ ڪري وٺن ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف هڪ پورو ملڪ ٻڏي ويو آھي ۽ اهو غريب ويچارو موسمي تباهي تي مدد لاءِ هٿ ڦھلائي رهيو آھي- هاڻي اولهه جا ملڪ ڪِٿي گُم آهن…؟؟
وقت اچي ويو آھي ته دنيا ننڊ مان جاڳي ڏسي ته اسان پنهنجي هٿن سان ڪهڙو ڀيانڪ مستقبل تخليق ڪيو آهي، نه ته اسان وٽ پنهنجي وجود جي بقا جو ٻيو ڪو به موقعو نه هوندو!
(سنڌي ترجمو: انيس لغاري
749