لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ واري فيصلي کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هدايت تي بابر اعواڻ درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪري ڇڏي. جنهن ۾ چيو ويو آهي تحريڪ انصاف جي ريلي تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ غيرقانوني آهي. چونڊ مهم هلائڻ تحريڪ انصاف جو آئيني حق آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن قلم 144 لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي ختم ڪري. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري سپريم ڪورٽ جي فيصلي نمبر 15 جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.پنجاب حڪومت پي ايس ايل ميچ کي بنا جواز ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. متن موجب تحريڪ انصاف جي ريلي ۽ پي ايس ايل جي ميچ جو روٽ مختلف آهي. تحريڪ انصاف جي ريلي ساڍي 5 وڳي ختم ٿيندي جڏهن ته پي ايس ايل جو ميچ ستين وڳي شروع ٿيندو. ان کان پهريان ڪنهن به شهر ۾ پي ايس ايل دوران قلم 144 لاڳو ناهي ڪيو ويو. درخواستگذار موجب پنجاب حڪومت غيرقانوني طور تي تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم کي روڪي رهي آهي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بابر اعواڻ چيو ته پي ايس ايل جو بهانو ڪري نگران حڪومت پابندي لڳائي آهي جيڪا عدالتن جي کليل توهين آهي. سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن چونڊون ممڪن بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته نگران حڪومت انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي. پهريان ريلي ۾ ظل شاهه جي موت ٿي، ظل شاهه ۽ ارشد شريف جي موت ۾ هڪڙو ئي طريقو استعمال ڪيو ويو.