ڪنڌڪوٽ :جي ڪچي واري علائقي شالو ٿاڻي جي حد گهوڙا گهاٽ ۾ ساوند سندراڻي قبيلن جي ڊگهي دشمني تان هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پروفيسر اجمل قتل ٿي ويو. ڪار ۾ سوار اجمل موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي ساوند برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ پهچايو جتان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن ضروري پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، ساوند سندراڻي جهيڙي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته پوليس انهن واقعن کي روڪڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي.