سکر: جي نيو پنڊ پوليس لائين جي رهواسين گذريل رات گوليمار ۾ سيپڪو آفيس ٻاهران بجلي جي فراهمي

سکر :جي نيو پنڊ پوليس لائين جي رهواسين گذريل رات گوليمار ۾ سيپڪو آفيس ٻاهران بجلي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي سيپڪو خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سيپڪو پاران بجلي بند ڪئي پئي وڃي. روز رمضان المبارڪ دوران شڪايتن باوجود ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏنو پيو وڃي، روزيدارن سميت بيمار ماڻهون به گهرن ۾ اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هن وڌيڪ چيو ته صبح ساڍي 9 وڳي بجلي جي فراهمي معطل آهي. شڪايتن باوجود سيپڪو کاتي جي عملدارن بجلي جي فراهمي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو،هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته بجلي بحال ڪري اسان کي پريشاني کان بچايو وڃي۔