ڪنڌڪوٽ :ويجهو ڳوٺ محمد سليمان گولو ۾ 6 ايڪڙ ھڪ ويسوھو تي بنگوار برادري پاران قبضو ڪيل زمين جي ماپ عدالت جي حڪم بعد روينيون مختيارڪار غلام شبير ڪلھوڙو، سپر وائيزر اما الله چاچڙ ۽ عدالتي عملو سميت پوليس اهلڪارن جي نگراني ۾ زرعي زمين ظفر علي گولو جي حوالي ڪئي وئي ۽ پوليس جي نگراني ۾ چئني طرفن کان ڪلا لڳايا ويا، ھن موقعي تي مختيارڪار غلام شبير ڪلھوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورٽ سڳوري جي حڪم تحت روينيون عملدارن سپر وائيزر اما الله چاچڙ ۽ پوليس جي نگراني هيٺ زمين اصل مالڪ ظفر علي گولي حوالي ڪئي وئي آهي، مختيارڪار وڌيڪ ٻڌايو ته اڳ به ٻھ ڀيرا عدالتي حڪم تي زرعي زمين جي ماپ لاءِ آياسين پر قبضہ گروپ زرعي زمين تي ماپ ڪرڻ نه ڏنو ۽ نشان اکاڙي سٽيا انھن تي عدالتي حڪمن خلاف ورزي ۽ ڊيوٽي اٽڪا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو اڄ عدالت جي حڪم تي زمين ملڪ جي حوالي ڪئي وئي آهي اگر عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته ھنن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي