سکر: ايليمينٽري ڪاليج ٽيچر ايجوڪيشن ايسوسي ايشن سکر جي استادن پاران ڊاڪٽر پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ڪاليج ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي استادن چيو ته استاد سماج جو اهم حصو هوندو آهي استادن جهڙو استاد پروفيسر اجمل ساوند جهڙا تعليم دوست انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل کي سڄي سماج جو قتل سمجهون ٿا، پروفيسر ساوند جو قتل هڪ رٿابندي تحت ڪيو ويو آھي، مظاهرين اعلي عدالت جي چيف جسٽس آف پاڪستان سميت۔سنڌ جي وڏي وزير۔ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي کين انجام تائين پهچايو وڃي۔