سکر:ريجن ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو اڻلڀ ٿي ويو۔ڪڻڪ جي فراهمي بندٿيڻ جو انڪشاف ان سلسلي ۾ پاڪستان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ريجنل منيجرسکر لطف الله شيخ پهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آھي

سکر:ريجن ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو اڻلڀ ٿي ويو۔ڪڻڪ جي فراهمي بندٿيڻ جو انڪشاف ان سلسلي ۾ پاڪستان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ريجنل منيجرسکر لطف الله شيخ پهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آھي ته سکرريجنل ويئر هائوس کي ڪڻڪ جي فراهمي نه ٿيڻ سبب سکر ريجن جي يوٽيلٽي اسٽورن کي اٽو فراهم نه ٿي رهيو آھي ڪجھ ڏينهن ۾ جيئن ئي ڪڻڪ سپلائي بحال ٿيندي ته اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي اٽي کانسواء ٻيو رمضان پيڪج وارو سمورو سامان موجود آھي جيڪو شناختي ڪارڊ جي ميسج اچڻ بعد ڏنو پيو وڃي لطف الله شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم پاڪستان جي رمضان پيڪج تي مڪمل عمل ٿي رهيو آھي رمضان پيڪج صرف رمضان شريف جي مهيني تائين هوندو جڏهن ته حڪومت طرفان سبسڊي وارو سامان به موجود آھي جنهن جو ريٽ اوپن مارڪيٽ کان گهٽ آھي۔لطف الله شيخ ٻڌايو ته اڳ يوٽيلٽي اسٽورن تان دوڪاندارن کي سستو سامان وڪرو ڪرڻ جون شڪايتون ملنديون هيون پر جڏهن کان شناختي ڪارڊ تي ميسج وارو سلسلو شروع ٿيو آھي اهي شڪايتون ختم ٿي ويون آھن هاڻي شناختي ڪارڊ تي جيسي تائين ميسج نه ايندو سامان نه ملندو۔شفافيت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن طرفان نادرا ذريعي هر پاڪستاني کي هڪ مهيني ۾ هڪ NIC تي ٽي ڪلو گيھ يا ڪڪنگ آيل ۽ ٽي ڪلو کنڊ ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته بغير سبسڊي واريون شيون خريد ڪرڻ لاءِ ڪابه پابندي لاڳو ناهي، ٻئي طرف سبسڊي وارو سستو اٽو سکر ضلعي جي مڙني يوٽيلٽي اسٽورن تان غائب آهي،