اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينه قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي. اجلاس ۾ قانوني مشورن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت حڪمت عملي تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.ذريعن موجب عدالتي اصلاحات بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان منظور ڪرائڻ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. ياد رهي ته قومي اسيمبلي ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي اصلاحات جو بل منظور ڪري توثيق جي لاءِ صدر ڏانهن اماڻيو هو پر صدر عارف علوي بل نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.صدر عارف علوي بل جي حوالي سان چيو آهي ته هي بل پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي، بل قانوني طور تي مصنوعي ۽ ناڪافي هجڻ تي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن بل جي درستگي جي باري ۾ جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ واپس ڪرڻ مناسب آهي.