اسلام آباد:سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي 10 ميمبرن گڏيل بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. بيان سپريم ڪورٽ بار ايگزيڪٽو ڪميٽي ميمبرن يوسف مغل، عدنان اعجاز شيخ، عبدالمالڪ بلوچ، عامر صابر، ياسر ظهور عباسي، سليم اختر وڙائچ، محسن ورڪ، عرفان مير هاليپوٽا ۽ منوج ڪمار طرفان جاري ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي 10 ميمبرن بار جي صدر ۽ سيڪريٽري جي بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 18 مان 10 ميمبر صدر ۽ سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل بيان جي مذمت ڪن ٿا.ايگزيڪٽو ڪميٽي ميمبرن بيان ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ سيڪريٽري جي بيان تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. صدر ۽ سيڪريٽري بار جي بيان ۾ ججن وچ ۾ فيصلن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صدر ۽ سيڪريٽري بار جوبيان پارليامينٽ جي بالادستي تي حملي جي به ڪوشش آهي.ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس پاڪستان سمورن خدشن جي خاتمي لاءِ فوري طور تي فل ڪورٽ اجلاس گهرائي. چيف جسٽس کي سمورن اختلافي فيصلن جي درستگي لاءِ فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ گهرجي.ميمبرن وڌيڪ چيو ته صدر ۽ سپريم ڪورٽ بار جو سيڪريٽري هڪ سياسي پارٽي جي ترجمان جو ڪردار ادا نه ڪن. انهن کي بار جي فلاح ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.