لاڙڪاڻو: ۾ گم ڄاڻايل معصوم نينگري کي پيءُ پاران درياءَ ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، لاڙڪاڻي مان 12 آڪٽوبر تي گم ڄاڻايل معصوم نينگري کي سندس پيءُ پاران درياءَ ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف ٿيو آهيالله آباد واسڻ 8 ورهين جي نويلا کهاوڙ گذريل سال 12 آڪٽوبر تي گم ڄاڻايو ويو هو، وارثن جي احتجاج وارين خبرن جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو پوليس موجب شڪ جي بنياد تي نينگري جي والد نويد کهاوڙ ۽ ڪجهه مائٽن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جاچ دوران نويد کهاوڙ ڌيءَ نويلا کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهيپوليس ذريعن موجب نويد کهاوڙ گهرو اڻبڻت تي ڌيءَ نويلا کي سنڌو درياهه ۾ اڇلائي مارڻ جو اعتراف ڪيو آهي، نويد کهاوڙ پنھجي پهرين گهرواري کي طلاق ڏني هئي، جنھن مان کيس ڌيءَ نويلا ۽ پٽ جو اولاد هو ذريعن موجب ٻي شادي بعد نويد پنهنجي پٽ کي ڀيڻ حوالي ڪيو هو، سندس ڌيءَ نويلا کي ڪو پالڻ وارو نه هو، نويد باسيو ته ڌيءَ کي رهائڻ تان ٻي گهرواري ڪاوڙجي وئي هئي، جنھن ڪري کيس درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو.