شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ: ‏سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي بي گناهه قتل تي حڪومتي خاموشي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي ضلعي صدر امداد سومرو، ڪراچي ڊويزنل اڳواڻ حيات تونيو، شبير مگسي، رشيد مگسي، زاهد مگسي، اسد سولنگي، داد محمد کنڊ، سجاد تونيو، عمران خشڪ، غلام علي مگسي، فاروق سومرو، مسلم ڪمبوهه، اڪبر بليدي، صابر کوسو، عبدالرحيم کوسو، عامر بليدي، علي مراد بروهي، لعل بخش جمالي، بلاول مگسي ۽ ٻين چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته قبيلائي تڪرار سبب پروفيسر اجمل ساوند کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، واقعي جي مذمت ڪريون ٿا.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.