ڪنڌ ڪوٽ: پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل قانون جي گرفت ۾ پوليس نه آڻي سگهي ڪشمور پوليس جو به ڇوٿين ڏينهن تي به مختلف ڳوٺن تي چڙھايون ڪيون پوليس مٿان سندراڻي برادري جي ماڻهن پاران فائرنگ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

ڪنڌ ڪوٽ :پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل قانون جي گرفت ۾ پوليس نه آڻي سگهي ڪشمور پوليس جو به ڇوٿين ڏينهن تي به مختلف ڳوٺن تي چڙھايون ڪيون پوليس مٿان سندراڻي برادري جي ماڻهن پاران فائرنگ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو سندراڻي ء ساوند برادري جي ٻن ڌرين م وقفي وقفي سان فائرنگ سلسلو ھلندڙ ايس ايس پي ڪشمور پاران سندراڻي ء ساوند جي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊن تي پوليس نفري مقرر ڪري ڇڏيا ايس ٽي پي جي گڏ تي سول سائٽي جي سوين ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو تفصيل موجب ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ سنڌ وطن سان پيار ڪندڙ صوفي ازم جي پروڪار پروفيسر اجمل ساوند جي قتل کي چار ڏينهن گذري ويا پر پوليس قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي نه سگھي ذھين انسان دنيا ۾ آيل تبديلي کي سنڌ ۾ به علم جي روشني ڏيڻ جي سوچ رکندڙ پروفيسر شھيد اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي عرفان سمون جي ھدايت تي پوليس ٽيم اي پي سي ـ بڪتربند گاڏين تي پوليس ڳوٺ سردار خان سندراڻي ـ احمد خان سندراڻي تي چڙھايون ڪري جوابدارن جا گھر ڊاھي ڳوٺن ۾ پوليس ڪيمپون قائم ڪيون آهن سندراڻي برادري جي ماڻهن جو پوليس مٿان فائرنگ پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ٻئي طرف سندراڻي ء ساوند برادري جي ٻن ڌرين م ھلندڙ فائرنگ جو وقفي وقفي سان جاري آهي ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي جھيڙي جي دوران زمين م بيٺل فصل ء ديرو م پيل ڪڻڪ مال کائي تباھ ڪري ڇڏيو ڪنڌڪوٽ پروفيسر اجمل ساوند جي واقعي خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به احتجاج ٿيو آهي ايس ٽي پي جي سڏ تي سول سوسائٽي جو اڪرم باجڪاڻي ـ وڪيل عبدالغني بجاراڻي ـ ظريت ساگر بجاراڻي۔ صوفي ڊاڪٽر سريش ڀوڄواڻي سجاد بروھي ـ شاھنواز مرھٽو ـ جيوڻ سبزوئي ـ اي ڪي اوڳاھي ـ ڪامريڊ عباس ـ سلطان نندواڻي ـ اويس کوسو ـ اصغر شيخ ـ موھن لال ـ رميش لال ۽ مختلف تنظيمن سميت ٻين جي اڳواڻي گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين سوين شعوري سوچ رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي انھي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل بي بس ۽ ناڪام نظر اچي رھي آهي پوليس جيڪڏهن جيھڙن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ھا ته سنڌ جو ھيرو پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند قتل نه ٿي ھا سڄي دنيا احتجاج ڪري رھي آهي واقعو ھاء پروفائيل ٿي ويو آهي جنهن جي باوجود به انصاف نه ملڻ تي دنيا ڻ سنڌ پوليس لاء ڪيھڙو پيغام ويندو اسين مطالبو ڪيون ٿا ته قاتلن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي گرفتار ڪري سنڌ جي شعور سان انصاف ڪيو وڃي