سکر: ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ، اسٽال بند، ماڻهو ڪاٺ ۽ ڪوئلي تي کائڻ تي مجبور، ڪاٺين

سکر: ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ، اسٽال بند، ماڻهو ڪاٺ ۽ ڪوئلي تي کائڻ تي مجبور، ڪاٺين جي گهرج به وڌي وئي.تفصيل موجب سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني انتظاميا جي مجرمانه غفلت ۽ مسلسل لاپرواهي سبب سوئي گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ، بندش کانپوءِ گيس پريشر جي کوٽ نه رڳو گهرن کي پر مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. گيس جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ڪاٺين ۽ ڪوئلو استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، ڪاٺين جي گهرج به وڌي وئي آهي، دڪاندار به مالا مال ٿي ويا آهن، سکر جي شهرين کان من پسند اگهه وصول ڪري رهيا آهن، شهري ۽ سماجي چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، پيٽروليم ۽ معدني وسيلن واري صوبائي وزير سميت سوئي سدرن گئس ڪمپني کان سکر ۾ سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي، لوڊشيڊنگ ۽ مصنوعي بندش جو نوٽيس وٺڻ تي حلقن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرزور مطالبو ڪيو ته شهرين کي سندن مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.